آمريڪا ۽ اسرائيل اوچتو ايران تي حملو ڪري ڏنو آھي، جنھن بعد تھران ۽ ٻين ڪيترن ئي ھنڌن تي ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آھن، حملن ۾ ڪيترائي شھري زخمي ٿيا آھن.
ايراني ميڊيا موجب ايران جي گادي واري شھر تھران ۾ ڪيترائي اسرائيلي ميزائل يونيورسٽي اسٽريٽ ۽ جمھوري ايريا ۾ ڪريا، ھي آمريڪا ۽ اسرايل جو گڏيل حملو آھي.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آھي تہ ايراني صدراتي محل ۽ سپريم ليڊر خامنہ اي جي ڪمپائونڊ ويجھو 7 ميزائل ڪريا، جڏھن تہ تھران جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ميزائل حملا ٿيا آھن.
ايراني ميڊيا موجب ايران ۾ انٽرنيٽ سروس بند ھجڻ سبب بہ ڏکيائيون آھن، افراتفري واري صورتحال وڌي وئي آھي.
پرڏيھي ميڊيا موجب ايراني سپريم ليڊر آيت اللھ خامنہ اي تھران ۾ موجود ناھي، کيس محفوظ ھنڌ منتقل ڪيو ويو آھي، ايراني صدر مسعود پزشڪيان بہ محفوظ ھنڌ منتقل ٿي ويو آھي.
اسرائيل جو چوڻ آھي تہ ايران تي حملا شروع ڪيا ويا آھن، اسرائيل جي دفاع واري وزير بہ تصديق ڪئي آھي.
اسرائيلي دفاعي اھلڪار جو چوڻ آھي تہ ايران ۾ آمريڪا سان گڏجي اسرائيلي آپريشن جاري آھي، ايران تي آپريشن جو منصوبو پھريان جوڙيو ويو ھو، ايران تي حملي جي تاريخ جو فيصلو ڪجھ ھفتا اڳ ڪيو ويو.
انھي حوالي سان آمريڪي عھديدار جو موقف سامھون آيو آھي تہ آمريڪا اسرائيل سان گڏجي ايران تي گڏيل حملو ڪيو آھي، ايران تي ھوائي ۽ سامونڊي حملا جاري آھن.
ايراني ميڊيا موجب انهن حملن کانپوءِ ايران پنهنجي ھوائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن، جڏھن تہ هڪ ايراني عملدار جو چوڻ آهي تہ ايران جوابي ڪارروائي جي تياري ڪري رھيو آهي ۽ ايران جو ردعمل انتهائي سخت هوندو۔
ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراهہ چيو آهي تہ انهن حملن جو انجام هاڻي توھان جي ھٿ ۾ ناھي رھيو ۔
پرڏيهي ميڊيا موجب انهن حملن کانپوءِ عراق پنهنجي ھوائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن، جڏھن تہ ڪويت ايران لاءِ ايندڙ حڪم تائين سڀئي اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن۔
ايران تي حملي کان فوري پوءِ والاريل بيت المقدس ۾ سائرن وڄڻ لڳا، اسرائيل طرفان ايران تي حملو ڪرڻ کان پوءِ سڄي اسرائيل ۾ اسڪول بند ڪيا ويا آهن۔
اسرائيلي اختيارين اسرائيلي ھوائي حدون پڻ بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ اسرائيلي شهرين کي ايئرپورٽ ڏانهن نہ اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔………