پاڪستان افغانستان سان سٺو ڪري رھيو آھي، مداخلت نہ ڪندس: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ-افغان تڪرار بابت ردعمل ڏيندي چيو آهي تہ پاڪستان افغانستان سان سٺو ڪري رھيو آهي ۽ هو ان معاملي ۾ مداخلت نہ ڪندو۔

آمريڪي صدر وائيٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا۔ هڪ صحافي سوال ڪيو تہ ڇا هو پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جاري جنگ ۾ مداخلت ڪندو؟ جنهن تي ٽرمپ جواب ڏنو تہ هو ڪري سگهي ٿو، پر پاڪستان سان سندس لاڳاپا تمام سٺا آهن۔

ٽرمپ چيو تہ سندس خيال ۾ پاڪستان بهترين طريقي سان اڳتي وڌي رھيو آهي ۽ افغانستان سان بہ سٺو رويو اختيار ڪري رھيو آهي، تنهن ڪري هو مداخلت نہ ڪندو۔

آمريڪي صدر وڌيڪ چيو تہ پاڪستان وٽ عظيم وزيراعظم ۽ جنرل آهن، مضبوط قيادت موجود آهي ۽ اهي ٻئي شخصيتون آهن جن جي هو تمام گهڻي عزت ڪري ٿو۔

ان کانسواءِ ٽرمپ چيو تہ ايران ايٽمي هٿيار نٿو رکي سگهي، هن چيو تہ هو ايران مان خوش ناهي، پر جمعي تائين وڌيڪ ڳالهين جي اميد آهي ۽ هو ايران سان هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو۔

هن وڌيڪ چيو تہ هو ايران خلاف طاقت استعمال ڪرڻ نٿو چاهي، پر ڪڏھن ڪڏھن طاقت استعمال ڪرڻي پوندي آهي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں