حيدرآباد : سنڌ جي سينيئر وزير شرجیل میمڻ چيو آھي تہ ملڪ ۾ جنگي صورتحال باوجود قوم پرُسڪون آھي ۽ پاڪ فوج دوشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي رھي آھي، فوج جي ڪري عوام معمول موجب زندگي گزاري رھي آھي ۽ پوري قوم پنھنجي ھٿياربندن فوجن کي سلام پيش ڪري ٿي
حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو تہ پاڪستان هميشہ افغان شهرين کي ڀاءُ سمجهي دلين ۾ جاءِ ڏني، پر افغان طالبان رجيم احسان فراموشي ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏني، هن الزام هنيو تہ طالبان رجيم ڀارت جي پراڪسي ۽ بي ٽيم بڻجي پاڪستان خلاف حملا ڪري رھي آهي، جڏھن تہ ڀارت سڌي مقابلي جي همت نٿو رکي ۽ پراڪسيز استعمال ڪري رھيو آهي۔
هن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪيو، پر جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب بہ ڏنو ويو، 27 فيبروري 2019 جو ڏينهن ياد ڏياريندي هن چيو تہ ان ڏينهن پاڪستاني فوج ڀارتي پائلٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪري دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو، جيڪو خطي جي تاريخ جو اهم لمحو هو۔
سينيئر وزير چيو تہ دهشتگردي خلاف پوري قوم متحد آهي ۽ پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ دهشتگرد عنصرن خلاف فيصلائتي ڪارروايون جاري رکندو، هن چيو تہ پاڪستان افغانستان جي سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي جو بہ اثرائتو جواب ڏئي رھيو آهي۔
شرجيل ميمڻ چيو تہ حڪومت ڪڏھن بہ ميڊيا تي پابنديون لاڳو نہ ڪيون آهن، تنقيد کي سڌاري لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ۽ صحافين جي سهولتن لاءِ مستقبل ۾ بہ قدم کنيا ويندا۔
هن ٻڌايو تہ کيس دل جو دورو پوڻ بعد حيدرآباد جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ علاج مليو، جڏھن تہ ڪراچي ۾ ملڪ جون وڏيون صحت جون سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن۔
هن چيو ته حيدرآباد سندس گهر آهي ۽ شهر جي ترقي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏھن تہ ايڇ ايم سي کي بہ ترقياتي پيڪيج ڏنو ويو آهي، هن زور ڀريو تہ جيڪي ترقياتي منصوبا رُڪيل آهن، انهن کي فوري طور حل ڪيو ويندو۔….