“پاڪستان جا ھندرمند ۽ غير ھنرمند شھري يورپ ويندا”

فہرستِ مضامین

وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چيو آھي تہ پاڪستان پنھنجي ھندرمند ۽ غير ھنرمند ماڻھن کي يورپي ملڪن ڏانھن موڪلڻ لاءِ تيار آھي.

وفاقي گھرو وزير محسن نقوي جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد مائيگريشن ڊائيلاگ ۾ شرڪت ڪئي، جنھن ۾ اٽلي، اسپين ۽ يوناني گھرو وزير بہ موجود ھئا.

اٽلي، اسپين ۽ يوناني وزيرن پاران غيرقانوني اميگريشن ۾ گھٽتائي تي پاڪستاني حڪومت جي واکاڻ ڪئي.

ان موقعي تي گھرو وزير محسن نقوي طرفان اٽلي پاران پاڪستانين لاءِ 10 ھزار 500 نوڪريون رکڻ تي  ٿورا مڃيا ويا.

گھرو وزير محسن نقوي چيو تہ يورپي ملڪ لڏپلاڻ جي خواھش رکندڙ ماڻھن کي ريگيولر طريقا آڻين تہ جيئن غيرقانوني اميگريشن جو خاتمو اچي سگھي.

سندس چوڻ ھو تہ پاڪستان پنھنجي ھندرمند ۽ غير ھنرمند ماڻھن کي يورپي ملڪن ڏانھن موڪلڻ لاءِ تيار آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں