سکر بئراج کي جديد بڻائڻ جو منصوبو، ڪوتاھي برداشت نہ ڪرڻ جو وچن

فہرستِ مضامین

وڏي وزير مراد علي شاھ سکر بئراج کي سنڌ جي آبپاشي تحفظ ۽ زرعي معيشت لاءِ انتھائي اھم قرار ڏيندي چيو آھي تہ ڪينال جي بحالي واري ڪم ۾ ڪا بہ دير برداشت نہ ڪئي ويندي.

 وڏي وزير مراد علي شاهه سکر بئراج جي بحالي ۽ جديد بڻائڻ واري منصوبي جي ٽئين سال جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي.

اجلاس ۾ آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وڏن سول، اسٽرڪچرل ۽ ميڪنيڪل اپ گريڊ، خاص ڪري بئراج جي تاريخي دروازن جي وڏي پيماني تي تبديلي تي غور ڪيو ويو.

وڏي وزير دروازن جي تبديلي ۾ نمايان اڳڀرائي کي ساراهيو، جڏھن تہ ھن آبپاشي کاتي کي نارا ڪئنال جي بحالي واري ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي.

سکر بئراج جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏيندي وڏي وزير هدايت ڪئي تہ ٽئين سال جي سرگرمين جي رفتار برقرار رکي وڃي ۽ ٽائيم لائن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

 مراد علي شاھ جو چوڻ ھو تہ هي بئراج سنڌ جي آبپاشي نظام جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، نون دروازن جي لڳائڻ ۾ درستگي انتهائي ضروري آهي تہ جيئن پاڻي جو وھڪرو برقرار رھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں