ٺٽو ۾ شھزور گاڏي ۽ ڊمپر ۾ ٽڪر سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿيا آھن.
ٺٽو: سجاول روڊ تي پٺاڻ ڪالوني ڀرسان چوپايو مال کڻي ويندڙ شهزور گاڏي ۽ ڊمپر وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ گولاڙچي واسي تنوير ڊوگر ۽ صالح محمد لوھار فوت ٿي ويا.
جڏھن تہ 3 ڄڻا غلام محمد ڊوگر، مشتاق ملاح ۽ محمد يوسف سخت زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي فوتين ۽ زخمين کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.
پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي….
ٺٽو ۾ شھزور گاڏي ۽ ڊمپر ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا اجل جو شڪار