گھوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڏوھارين خلاف آپريشن جاري آھي، رائونتي ڪچي جي سنگين ڪيسن ۾ گھربل وڌيڪ اٺ ڏوھارين هٿيار ڦٽا ڪري سرينڊر ڪري ڇڏيو آھي.
سرينڊر ڪندڙن ۾ رانجهو شر، احمد علي، بشير، خادم، ساجد، ياسين، ميهوال شر ۽ ٻيا شامل آهن۔
پوليس موجب هٿيار ڦٽا ڪندڙ جوابدار قتل، اغوا، ڀتا خوري، پوليس مقابلن سميت ٻين ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گھربل هئا۔
پوليس جو چوڻ آهي تہ سرينڊر ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جاري آهي ۽ وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي، جڏھن تہ علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن۔….