واشنگٽن: ايران جي چوڌاري وڏي فوجي ۽ سامونڊي فوجي طاقت جمع ڪرڻ باوجود ايران پاران ھٿيار ڦٽا نہ ڪرڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مايوس ٿي ويو.
آمريڪي صدر خاص نمائندي اسٽيووٽڪوف ھڪ انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو آھي تہ صدر ٽرمپ کائنس سوال ڪيو تہ ايتري دٻاءُ ۽ سامونڊي طاقت باوجود ايران ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڇو نہ پيو ڪري.
اسٽيووٽڪوف موجب صدر ٽرمپ پڇاڻو ڪيو تہ ايران ايئن ڇو نہ ٿو چوي تہ کيس ھٿيار نہ گھرجن؟ جيتوڻيڪ آمريڪا خطي ۾ پنھنجي عسڪري موجودگي وڌائي چڪو آھي.
واضح رھي تہ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جا ٻہ دور ٿي چڪا آهن، هينئر تائين ڪا بہ ھاڪاري اڳڀرائي سامهون ناهي آئي۔
ٻئي پاسي آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنھنجي فوجي قوت وڌائي رھيو آھي ۽ وڌيڪ ھڪ آمريڪي جھاز بردار سامونڊي ٻيڙو بہ ايران ڏانھن وڌي رھيو آھي……