صدر ٽرمپ جي ڊيڊ لائن: آمريڪي جھازن ايران ڏانھن پوزيشن سنڀالي ورتي

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي معاھدي ڪرڻ لاءِ 10 کان 15 ڏينھن جي واضح ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي آھي.

پرڏيھي خابرو اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آھي تہ جيڪڏھن ايران ڏنل مھلت اندر ڳالھيون نہ ڪيون تہ وڏو فوجي حملو ڪيو ويندو.

صدر ٽرمپ جي ايران کي ڏنل ڊيڊ لائن بعد يورپ ۾ موجود آمريڪي ھوائي فوج ايران ڏانھن عسڪري پوزيشن سنڀالڻ شروع ڪري ڇڏي آھي.

پرتگال جي ھڪ ٻيٽ تي قائم آمريڪي ايئربيس تي جنگي جھازن ۽ مددگار اثاثن جي سرگرمين ۾ اضافو ڏٺو ويو آھي، جتي آمريڪي جھازن امڪاني آپريشنز لاءِ پوزيشن سنڀالي ورتي آھي

ٻئي پاسي مشھور آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز پنھنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آھي تہ ايران تي ڪنھن بہ قسم جو آمريڪي حملو خراب نتيجا ڏئي سگھي ٿو ۽ ھي قدم پوري وچ اوڀر کي ھڪ نئين جنگ ڏانھن ڌڪي سگھي ٿو.

ھڪ ڏينھن اڳ برطانوي خابرو اداري دعويٰ ڪئي ھئي تہ آمريڪي صدر ايران جي اعليٰ قيادت کي سڌي ريت نشانو بڻائڻ لاءِ غور ڪري رھيو آھي جڏھن تہ ٻين رپورٽن ۾ ايران تي محدود حملن جو بہ ذڪر ويو ويو آھي.

اھا دعويٰ بہ سامھون آئي آھي تہ آمريڪي فوج جو ھدف رڳو عسڪري ڪارروائي نہ پر ايراني حڪومت تي دٻاءُ وڌائي نظام جي تبديلي جي ڪوشش بہ ٿي سگھي ٿي.

ايران طرفان اڃا تائين انهن خبرن تي ڪو باضابطا ردعمل سامهون ناهي آيو، جڏھن تہ ماضي ۾ ايراني عملدار واضح ڪري چڪا آهن تہ ڪنهن بہ حملي جي صورت ۾ سخت جواب ڏنو ويندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں