مقبوليت باوجود عمران خان کي آزاد نٿا ڪرائي سگھون، نيت صحيح ناھي يا استعمال ٿي رھيا آھيون: گنڊاپور

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آھي تہ مقبوليت باوجود عمران خان کي جيل مان نہ پيا ڪڍي سگھون، اسان جي نيت صحيح ناھي يا استعمال ٿي رھيا آھيون.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي علي امين گنڊاپور چيو تہ اسان جا اندروني معاملا صحيح ھجن ھا تہ عمران خان جيل ۾ نہ ھجي ھا، ملڪ ۾ قانون ۽ آئين نہ ھجڻ سان گڏوگڏ اسان جون غلطيون بہ آھن، مقبوليت ۽ سپورٽ باوجود عمران خان کي  آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي رھيا آھيون، اسان جي ناداني آھي، نيت صحيح ناھي يا پوءِ استعمال ٿي رھيا آھيون.

ھن چيو تہ مان پنھنجي ذات لاءِ ڪاوڙ نہ پيو ڪيان، پنھنجي ليڊر لاءِ ڪاوڙ ڪري رھيو آھيان تہ برداشت ڪرڻ گھرجي، اسان کي پريشر وڌائڻو پوندو جيڪو ڳالھائڻ سان نہ وڌندو، ڳالھين ۽ روزانو ٽڪ ٽاڪ ٺاھڻ سان پريشر نہ وڌندو، ڪنھن تي الزام نہ پيو لڳايان پر ڪو تہ سبب آھي جنھن سان پريشر گھٽ ٿيو، ٽي وي تي ڳالھائڻ ۽ ٽڪ ٽاڪ تي ڌمڪي ڏيڻ سان ڪجھ نہ ڏيندو.

علي امين گنڊاپور جو چون ھو تہ عمران خان کي ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ جو حق نہ پيا ڏياري سگھون، مون وٽ سرڪاري ۽ پارٽي عھدو ناھي، ھڪ ورڪر آھيان، احتجاج ج ڪال تي 2 چڪر وڏي ريلي وٺي آيو آھيان…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں