تعلق نيوزيلينڊ سان آھي پر دل پوري طرح پاڪستان سان آھي: قومي ٽيم جو ھيڊ ڪوچ

فہرستِ مضامین

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ھيڊ ڪوچ مائيڪ ھيسن چيو آھي تہ تعلق نيوزيلينڊ سان ضرور آھي پر ھن وقت دل پوري طرح پاڪستان سان آھي.

نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ڪرڪيٽر مائيڪ ھيسن چيو تہ گرين شرٽ پائي پنھنجي ئي ملڪ جي ٽيم خلاف حڪمت عملي ٺاھڻ جو سوچيو نہ ھو پر منھنجي ملڪ خلاف ڪنھن ٻئي ملڪ لاءِ وفادار ٿيڻ ھڪ نئون تجربو ھوندو.

مائيڪ ھيسين چيو تہ 7 سال نيوزيلينڊ جي ڪوچنگ کانپوءِ ھاڻي ھن نئين چئلينج لاءِ تيار آھيان، ناشتي جي ميز تي سڃاتل ماڻھن سان ملاقات ڪري سٺو لڳو.

ھن چيو تہ مان اڄ بہ دل سان نيوزيلينڊر آھيان پر ھن وقت دل پوري طرح پاڪستان سان آھي.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر اٺ مرحلي جي پھرين ميچ اڄ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں