نائيجيريا ۾ ھٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 50 ڄڻا قتل

فہرستِ مضامین

نائيجيريا جي زمفارا رياست جي ھڪ ڳوٺ تي ھٿياربندن حملو ڪري گھٽ ۾ گھٽ 50 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

پرڏيھي ميڊيا موجب ھٿياربندن شام جو لڳ ڀڳ 5 وڳي حملو شروع ڪيو ۽ صبح جو ساڍي 3 وڳي تائين ڪارروايون جاري رکيون.

ان موقعي تي حملي آورن گھرن کي باھيون ڏنيون ۽ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙن تي فائرنگ بہ ڪئي، ڪارروائي دوران ھٿياربندن ڪيترن ئي ٻارن ۽ عورتن کي اغوا بہ ڪيو.

پرڏيھي ميڊيا جو چوڻ آھي تہ واقعي بعد متاثر ماڻھن کي ويجھي شھر ميدوگوري منتقل ڪيو ويو، اکين ڏٺن شاھدن جو چوڻ آھي تہ حملي آورن عورتن ۽ ٻارڙن کي يرغمال بہ بڻايو.

مقامي اسيمبلي ميمبر خدشو ظاھر ڪيو آھي تہ مارجي ويلن جي انگ ۾ اضافي ٿي سگھي ٿو، جڏھن تہ اغوا ڪيل ماڻھن جا انگ اکر فوري طور تي معلوم ناھن ٿي سگھيا……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں