گھرو وزير سان ايم ڪيو ايم، ق ليگ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي وفاقي وزيرن جي ملاقات

فہرستِ مضامین

وفاقي گھرو وزير محسن نقوي سان مسلم ليگ ق، ايم ڪيو ايم ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي وفاقي وزيرن ملاقات ڪئي آھي.

اھم ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ ق جي چوڌري سالڪ حسين، ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جو خالد مگسي شامل ھئا.

ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي صورتحال، داخلي سلامتي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏھن تہ ملڪ جي موجودہ سياسي صورتحال تي بہ ڳالھيون ٿيون.

گھرو وزير محسن نقوي ٽنھي جماعتن جي اڳواڻن کي ڪي پي ۽ بلوچستان جي صورتحال کان آگاھ ڪيو ۽ امن جي قيام لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي طور آگاھ ڪيو.

چوڌري سالڪ حسين، خالد مقبول صديقي ۽ خالد مگسي امن جي قيام لاءِ فيلڊ مارشل جي ڪوششن جي ساراھ ڪئي، ٽنھي اڳواڻن اعلان ڪيو تہ سندن جماعتون پاڪستان ۾ دھشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آھن ۽ گڏ بيٺل رھنديون.

چئني وفاقي وزير امن جي قيام ۽دھشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ھلڻ جي عزم جو اظھار ڪيو ۽ امن جي قيام لاءِسيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين کي خراج تحسين پيش ڪئي.

وفاقي وزيرن فتنہ الخوارج جي دھشتگردن خلاف بھادري سان وڙھندي شھادت ماڻيندڙ بھادر سپوتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو تہ ھو شھديدن جي خاندانا سان گڏ آھن ۽ ھميشہ گڏ بيٺل رھندا…………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں