ھرجاڻو ڪيس: سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، وزيراعظم کان جواب طلب

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ھرجاڻي ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي عمران خلاف ڪارروائي روڪيندي وزيراعظم شھباز شريف کان جواب گھري ورتو آھي.

جسٽس عائشہ ملڪ جي سربراھي ۾ جسٽس محمد ھاشم خان ڪاڪڙ ۽ جسٽس اشتياق ابراھيم تي ٻڌل بينچ پي ٽي آءِ جي اڳواڻي چيئرمين خلاف لاھور جي ٽرائل ڪورٽ کي شھباز شريف جي 10 ارب رپين جي عزت کي ڇيھو رسائڻ جي ڪيس ۾ دفاع جو حق ختم ڪرڻ خلاف نظرثاني درخواست تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي وزيراعظم شھباز شريف کي نوٽيس جاري ڪندي جواب گھري ورتو آھي.

ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل علي ظفر ٻڌايو تہ سندس موڪل ڄنگھ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو ھو ۽ عدالت ۾ پيش نہ ٿي سگھيو، جنھن بنياد تي ٽرائل ڪورٽ ان جو دفاع جو حق ختم ڪري ڇڏيو.

جسٽس عائشہ ملڪ ريمارڪس ڏنا تہ جڏھن ٽرائل  ڪورٽ پاڻ تسليم ڪيو تہ عمران خان زخمي ھو، 2 ٻڌڻين تي کيس زخمي ھجڻ جي بنياد تي حاضري کان ڇوٽ ڏني وئي تہ پوءِ ان جو دفاع جو حق ڪيئن ختم ڪيو ويو؟

وڪيل ٽرائل ڪورٽ جي ڪارروائي تي اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ جي استدعا ڪندي ٻڌايو تہ ھن وقت ٽرائل ڪورٽ ۾ بيان قلمبند ٿي رھيا آھن ۽ ڪيس آخري مرحلي ۾ آھي، فرياد ي شھباز شريف ويڊيو لنڪ ذريعي مئي 2025 ۾ پنھنجو بيان قلمبند ڪرائي چڪو آھي.

عدالت وڪيل جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں