نواز شريف جيان عمران خان جي سزائن جو فيصلو بہ عدالتن ۾ ٿيندو: راڻا ثناءُ اللھ

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شھباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻاثناءُ اللھ ھڪ ڀيرو ٻيھر پي ٽي آءِ کي ڊيل جي آڇ ڪرڻ بابت خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آھي.

خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي راڻا ثناءُ اللھ چيو تہ پي ٽي آءِ کي نہ ڊيل جي آڇ ڪئي وئي آھي نہ وري ڊيل جو ڪو آپشن موجود آھي.

راڻاثناءُ اللھ واضح ڪيو تہ عمران خان کي حڪومت يا اسٽيبلشمنٽ طرفان ڊيل جي ڪا بہ آڇ ناھي ڪئي وئي ۽ نہ وري ڪئي ويندي، عمران خان جي سزائن جو فيصلو عدالتن ۾ ٿيندو، جيئن ماضي ۾ نواز شريف ۽ زرداري جي معاملي ۾ ٿيو.

وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ اللھ گذريل ڏينھن پي ٽي آءِ پاران ڊيل رد ڪرڻ بابت بيان جي بہ وضاحت ڪئي ھئي.

راڻاثناءُ اللھ جو چوڻ ھو تہ پي ٽي آءِ پاران ڊيل رد ڪرڻ جي ڳالھ 24 نومبر جي احتجاج جي حوالي سان ڪئي ھئي

ياد رھي تہ اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ بہ پي ٽي آءِ باني عمران خان ڊيل جي حوالي سان خبرون سختي سان رد ڪيون ھيون….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں