ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ اڳواڻن رمضان ۾ احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

لاھور : ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻن رمضان ۾ احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آھي

جيل ۾ قيد شاھ محمود قريشي، ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، عمرسرفراز چيما ۽ محمود الرشيد پاران ميڊيا کي ھڪ گڏيل خط لکيو ويو آھي جنھن ۾ اڳواڻن اپيل ڪئي آھي تہ رمضان المبارڪ ۾ ھر قسم جي احتجاجي تحريڪ ملتوي ڪئي وڃي.

خط  ۾ صدر آصف علي زرداري پاران عمران خلاف تازي بيان بازي جي مذمت ڪندي چيو ويو آھي تہ پي ٽي آءِ باني باوقار طريقي سان ڏکين حالتن ۾ جيل ڀوڳي رھيو آھي.

سينيئر اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي تہ عمران خان جي صحت تي سياست بند ڪئي وڃي، ان جي ڀينرن ۽ ذاتي ڊاڪٽرن کي اعتماد ۾ وٺي علاج ڪرايو وڃي.

خط ۾ تحريڪ آئين پاڪستان کان گذارش ڪئي وئي آھي تہ ھو پارليامينٽ ۾ ڀرپور سياست ڪن.

اڳواڻن چيو تہ پارٽي کي منظم ڪيو ۽ بلدياتي چونڊن لاءِ تنظيم کي ھيٺين سطح تي فعال بڻايو وڃي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تہ وڌندڙ دھشتگردي، مھانگائي، اسڪولن کان ٻار ٻاھر ھجڻ ۽ ڪرپشن جھڙن مسئلن کي ھر سطح تي اجاڳر ڪيو وڃي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں