مدئجي ۾ گھر مان ڌاڙو،مزاحمت تي عورت قتل  

فہرستِ مضامین

مديجي ڀرسان جمالپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ آباد ڪيهر ۾ چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي عورت قتل ٿي وئي۔

هٿياربندن عبدالغني ڪيهر جي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي مينهن ڪاھڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري مسمات سعيدہ زال عبدالغني ڪيهر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو۔

واقعي بعد ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت هٿياربندن جا پيرا کڻي نڪري پيا، جڏھن تہ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو۔

رابطو ڪرڻ تي گهر ڌڻي عبدالغني ڪيهر ٻڌايو تہ هٿياربند رات جي اونداهي ۾ گهر ۾ داخل ٿيا ۽ مال ڪاھڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي سندس گهرواري مسمات سعيدہ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو۔

پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏھن تہ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي۔……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں