ڊيرا اسماعيل خان ۾ دھشتگردن جو حملو، 2 اھلڪار شھيد

فہرستِ مضامین

ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي ڪسٽم آفيس ۽ پوليس تي حملو حملي ۾ جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا۔

پوليس ترجمان موجب ڊي آءِ خان جي يارڪ انٽرچينج ڀرسان دهشتگردن اوچتو ڪسٽم آفيس ۽ پوليس اهلڪارن تي حملو ڪيو۔

حملي دوران ڪسٽم اهلڪار اسرار خان ۽ پوليس اهلڪار محمد بلال شهيد ٿي ويا، جڏھن تہ 2 اهلڪار زخمي ٿيا، جن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو۔

دهشتگردن ڪسٽم جون 2 گاڏيون بہ ساڙي ڇڏيون ۽ مسافر بسن تي بہ فائرنگ ڪئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو۔

پوليس جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا، جڏھن تہ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي۔…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں