باني جي علاج لاءِ پارليامينٽ لاجز ۽ ڪي پي ھائوس ٻاھران لڳل ڌرڻا ختم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: عمران خان جي علاج لاءِ پارليامينٽ لاجز ۽ خيبر پختونخوا هائوس جي ٻاهران تحريڪ انصاف جا ڌرڻا ختم ڪيا ويا، پارليامينٽ ھائوس ۾ ڌرڻو جاري آھي.

ڪي پي جو وڏو وزير سھيل افريدي ۽ اڳوڻو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ڌرڻي واري ھنڌ تان واپس روانا ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ روڊ ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا.

پارليامينٽ لاجز ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ پي ٽي آءِ سينيٽرز پڻ ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تہ پارليامينٽ هائوس ۾ اپوزيشن جو ڌرڻو جاري آھي.

 ڌرڻي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي، علامه ناصر عباس، اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ آھن، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر  موجب ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان محمود خان اچڪزئي ڪندو.

بئريسٽر گوھر موجب عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ جو انتظار آھي، رپورٽ ۾ جيڪي شيون اينديون اھي سڀني آڏو رکيون وينديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں