عارف حبيب جو پي آءِ اي جا باقي 25 سيڪڙو شيئرز بہ خريدڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڪراچي: عارف حبیب گروپ پي آءِ اي  جا حڪومت وٽ موجود باقي 25 سيڪڙو شيئرز بہ خريدڻ جو اعلان ڪيو آھي، جنهن کانپوءِ قومي هوائي ڪمپني جو مڪمل ڪنٽرول ان وٽ هوندو۔

عارف حبیب لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شاهد علي حبيب چيو آهي تہ پي آءِ اي جا 100 سيڪڙو خريد ڪرڻ کانپوءِ اها مڪمل طور خانگي اداري طور ڪم ڪري سگهندي۔

هن ٻڌايو تہ ڪنسورشيم پنهنجو فيصلو ڪيو آھي تہ باقي 25 سيڪڙو شيئرز بہ خريد ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ ايندڙ 12 مهينن ۾ ادائيگي مڪمل ڪئي ويندي۔

هن وڌيڪ واضح ڪيو ته پي آءِ اي جا سڀئي شيئرز خريد ڪرڻ کانپوءِ ايئر لائن مڪمل طور خانگي شعبي جي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪندي، سرڪاري نامزد ميمبرن کان آزاد ٿي ويندي ۽ انتظامي اختيار مڪمل طور پر خانگي هٿن ۾ هوندا۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں