نوشھروفيروز ۾ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر،6 ڄڻا فوت

فہرستِ مضامین

نوشهروفيروز ۾ قومي شاهراهہ تي افسوسناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آھن.

ناگو شاھ اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرالر ڪار کي ٽڪر ھنيو، حادثي ۾ لعلورائنڪ جي ڳوٺ ميان رتو واسي 6 ڄڻا فوت ٿي ويا .

فوتين ۾ نديم سولنگي، فتاح، عبدالحڪيم، حاجي خان، غلام ۽ منظور بروھي شامل آهن۔

حادثي بعد پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ۽ لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.

پوليس موجب حادثو تيز رفتار سبب پيش آيو آھي، جاچ ڪئي پئي وڃي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں