ڀارت ھٿان شڪست کانپوءِ پاڪستان سپر ايٽ مرحلي ۾ ڪيئن پھچندو؟

فہرستِ مضامین

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اھم ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 61 رنس تان شڪست ڏئي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪوالفاءِ ڪري ورتو آھي .

ڪولمبو جي پريماداسا اسٽيڊيم۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان طرفان ٽاس کٽي پھريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ويو، ڀارت پھريان بيٽنگ ڪندي 176 رنز  جو حدف ڏنو، پر قومي ٽيم 114 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي.

ڪپتان سلمان علي عا سميت شروعاتي 3 رانديگر رڳو 13 رنز تي ئي پويلين ڀيڙا ٿيا، بابراعظم بہ رڳو 5 رنز ٺاھي آئوٽ ٿي ويو.

گرين شرٽس طرفان عثمان خان 44، شاھين شاھ آفريدي 23، شاداب خان، 14 ۽ فھيم اشرف 10 رنز ٺاھي نمايان رھيا، قومي جا اوپنر صائم ايوب ۽ صاحبزادہ فرحان بہ ڪو وڏو اسڪور نہ ڪري سگھيا.

ڀارتي ٽيم جي بيٽنگ

ESPNcricinfo

ان کان اڳ ڀارتي ٽيم مقررہ 20 اورز ۾ 7 وڪيٽس جي نقصان تي 175 رنز ڍاھيا، ايشان ڪشن 77 جي شاندار اننگز کيڏي، ڪپتان سوريا ڪمار 32، شيوم دوبي 27 ۽ تلڪ ورما 25 رنز ٺاھي نمايان رھيا، جڏھن تہ اڀيشيڪ شرما، ھاردڪ پانڊيا ۽ اڪشر پٽيل بنا ڪنھن رنز جي آئوٽ ٿي ويا.

گرين شرٽس طرفان صائم ايوب ڪامياب ترين بالر رھيو، جنھن 4 اورز ۾ 25 رنز ڏئي 3 شڪار ڪيا، ھن آخري اور ۾ لڳاتار ٻن بالن تي ٻن رانديگر کي پويلين ڀيڙو ڪيو.

پاڪستان طرفان ڪپتان سلمان علي آغا، شاھين شاھ آفريدي ۽ عثمان طارق ھڪ ھڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ميچ دوران آءِ سي سي جو چيف جي شاھ، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، ڀارتي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان روھت شرما ۽ ٻيا بہ موجود ھئا.

ٻنھي ڪپتانن ھٿ نہ ملايو

ميگا ايونٽ جي وڏي ميچ ۾ بہ پاڪستان ۽ ڀارتي ٽيم جي ڪپتانن ھٿ نہ ملايو، پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي پھريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ان موقعي تي ڳالھائيندي سلمان علي آغا چيو تہ پاڪستاني ٽيم ۾ ڪا بہ تبديلي نہ پئي ڪئي وڃي.

پليئنگ اليونز: پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ سلمان علي آغا، صائم ايوب، صاحبزادہ فرحان، بابراعظم، عثمان خان، شاداب خان، محمد نواز، فھيم اشرف، شاھين آفريدي، ابرار احمد ۽ عثمان طارق شامل ھئا.

ٻئي پاسي ڀارتي ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون ويون، ٽيم ۾ اسٽار بيٽر اڀيشيڪ شرما ۽ ڪلديپ ياديو جي واپسي ٿي،  ڀارتي ٽيم ۾ ڪپتان سوريا ڪمار ياديو، ايشان ڪشن، تلڪ ورما، ھاردڪ پانڊيا، شوم ڊوبي، رنڪو سنگھ، اڪشر پٽيل، ورون چڪرورٿي ۽ جسپريت بمرا شامل ھئا.

پاڪستان سپر ايٽ مرحلي ۾ ڪيئن پھچندو؟

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ھٿان شڪست کانپوءِ سپر ايٽ مرحلي ۾ ڪيئن ٿي  پھچي سگھي؟ ان سوال بابت ڪرڪيٽ ايڪسپرٽس چون ٿا تہ سپر ايٽ مرحلي ۾ پھچڻ لاءِ پاڪستان کي نمبيبيا کي شڪست ڏيڻي پوندي، ياد رھي تہ پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ۾ ٽي ميچز کيڏيون آھن، جن مان 2 کٽيون آھن  ۽ ھڪ ڀارت ھٿان ھارائي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں