تيز رفتار طرزِ زندگي، معاشي دٻاءُ، خانداني ذميواريون ۽ لڳاتار اسڪرين جو استعمال اهي سڀ عنصر ملي ذهني دٻاءُ يا ‘اسٽريس’ کي اسان جي روزاني زندگيءَ جو حصو بڻائي ڇڏين ٿا. وقتي پريشاني هڪ فطري عمل آهي، پر جڏهن اها ڪيفيت مسلسل رھي ته جسم ۽ ذهن ٻئي متاثر ٿيندا آهن. پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه سادا، آزمايل ۽ سائنسي طور اثرائتا طريقا اختيار ڪرڻ سان اسٽريس کي ڪافي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو.
اچو ته ڄاڻون اهي ديسي ۽ سائنسي نسخا جيڪي توهان جي زندگيءَ ۾ سڪون واپس آڻي سگهن ٿا. سائنس ٻڌائي ٿي ته اونهو ۽ آهستي ساهه کڻڻ سان اعصابي نظام پرسڪون ٿئي ٿو ۽ دل جي رفتار نارمل ٿئي ٿي. روزانو ڪجهه منٽ ”ڊيپ بريٿنگ“ يا 4-4-4 ٽيڪنڪ (چار سيڪنڊ ساهه کڻو، چار سيڪنڊ روڪيو، چار سيڪنڊن ۾ ٻاهر ڪڍو) ذهني دٻاءُ گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. اها مشق آفيس، گهر يا ٽريفڪ ۾ به ڪري سگهجي ٿي.
برصغير ۾ سائي چانهه (Green Tea)، قهروا يا ‘ڪيمومائيل’ جهڙيون جڙي ٻوٽيون سڪون لاءِ استعمال ٿينديون رهيون آهن. گرم مشروب آهستي آهستي پيئڻ پاڻ ۾ هڪ ٿراپي وانگر ڪم ڪري ٿو. ان سان گڏ ڪجهه منٽ خاموش ويهي ذهن کي منتشر خيالن کان آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. پر ڪيفين (Caffeine) جي گهڻائي کان پاسو ڪريو، ڇاڪاڻ ته گهڻي چانهه يا ڪافي بيچيني وڌائي سگهي ٿي.
روحاني سرگرميون ذهني سڪون جو مضبوط ذريعو سمجهيون وينديون آهن. نماز، تلاوت، ذڪر يا دعا لاءِ مخصوص وقت ڪڍڻ ذهن کي مثبت پاسي وٺي وڃي ٿو. تحقيق موجب شڪرگذاري ۽ مثبت سوچ ذهني دٻاءُ گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. روزانو شڪرگذاريءَ جي هڪ فهرست بنائڻ سان موڊ بهتر ٿي سگهي ٿو.
جسماني سرگرمي: قدرتي ’اينٽي ڊيپريسنٽ
سائنس موجب ورزش ڪرڻ سان جسم ۾ ”اينڊورفنز“ (Endorphins) خارج ٿين ٿا جيڪي موڊ کي بهتر بنائين ٿا. ضروري ناهي ته توهان سخت ورزش ڪريو؛ روزانو 20 کان 30 منٽ تيز هلڻ، هلڪي اسٽريچنگ يا يوگا به اسٽريس گهٽائڻ ۾ مددگار آهي. جسم جيترو متحرڪ هوندو، ذهن اوترو هلڪو محسوس ڪندو.
اسڪرين ٽائيم گهٽايو

مسلسل خبرون، سوشل ميڊيا ۽ نوٽيفڪيشنز ذهني دٻاءُ ۾ اضافو ڪن ٿا. ڏينهن ۾ مخصوص وقت تي ئي موبائيل استعمال ڪريو ۽ سمهڻ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ اڳ اسڪرين کان پري ٿي وڃو. هي ”ڊيجيٽل وقفو“ دماغ کي ري سيٽ ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿو.
گهڻو ڪري اسٽريس جو سبب ڪمن جو ڍير ۽ غير منظم شيڊول هوندو آهي. روزاني جون ترجيحات لکو ۽ اهم ڪم پهرين مڪمل ڪريو. ”ٽو ڊو لسٽ“ (To-do list) ٺاهڻ سان ڪم واضح ۽ آسان محسوس ٿيندا آهن.
ڪو مسئلو ھجي تہ ڳالھايو، بار ھلڪو ڪيو
پنهنجن جذبن کي دٻائڻ بجاءِ ڪنهن ڀروسي جوڳي دوست يا گهر جي فرد سان شيئر ڪريو. گفتگو ڪرڻ سان ذهني بار گهٽجي ٿو ۽ مسئلن جو حل به سولو ٿي پوي ٿو. جيڪڏهن دٻاءُ حد کان وڌي وڃي ته ماهر نفسيات سان مشورو وٺڻ به عقلمندي آهي.