ممبئي: مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتاري بعد جيل ۾ قيد ڀارتي شهري سوڪيش چندر شيکر ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس کي 30 ڪروڙ روپين جو لگزري هيلي ڪاپٽر تحفي ۾ ڏيڻ جي حيران ڪندڙ دعويٰ ڪئي آھي.
ڀارتي ميڊيا موجب، 200 ڪروڙ روپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ملوث سوڪيش جيل مان اداڪارا کي هڪ خط لکيو آهي. خط ۾ هن جيڪولين کي ”بيبي بوما“ جي نالي سان مخاطب ڪندي پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو آهي.
هيلي ڪاپٽر جون خاصيتون
سوڪيش جو چوڻ آهي ته هن جيڪولين لاءِ ايئربس ايڇ سيريز (Airbus H-Series) جو هيلي ڪاپٽر خريد ڪيو آهي، جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 30 ڪروڙ روپيا آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته هيلي ڪاپٽر تي اداڪارا جي نالي جا شروعاتي اکر “JF” لکيا ويا آهن ته جيئن هوءَ شوٽنگ لاءِ پري وارن علائقن تائين آساني سان سفر ڪري سگهي.
سوڪيش موجب هي تحفو هن پنهنجي ذاتي ڪمائي مان خريد ڪيو آهي.
ماضي جا مهانگا تحفا
هي پهريون ڀيرو ناهي جو سوڪيش اهڙو دعويٰ ڪيو هجي. ان کان اڳ اداڪاره جي 40 هين سالگرهه تي هن 25 ڪروڙ روپيا ۽ 50 هزار ميٽا شيئرز ڏيڻ جي به دعويٰ ڪئي هئي.
جيتوڻيڪ سوڪيش جيل جي سلاخن پويان آهي، پر هو مسلسل جيڪولين کي خط لکي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو رھندو آهي. ٻئي طرف، اداڪارا پاران هن تازي خط يا هيلي ڪاپٽر واري تحفي تي اڃا تائين ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.