ٽنڊو مستي لڳ لوھ سان ڀريل ٽرالر مسافر بس سان ٽڪرائجڻ سبب 11 کان وڌيڪ ماڻھو فوت ۽ 15 زخمي ٿيا آھن، پوليس موجب فوتين جو تعلق پنجاب جي شھر بھاولپور سان آھي، خوفناڪ حادثي ۾ ڪوچ ڊرائيور ۽ ڪلينر بہ بچي نہ سگھيا آھن.
ٽنڊو مستي پوليس موجب ڊرٻ ميھر شاھ قومي شاھراھ تي حادثو پيش آيو، مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، ٽرالر لوھ سان ڀريل ھو، حادثي بعد ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏھن تہ ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو ويو آھي.
حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ ڪوچ ڊرائيور گل شاھ، ڪلينر ھاشم، ناري ورثا، سميا، ڪاشف، محمد زين ۽ ٻيا شامل آھن، ڪجھ زخمين جي سڃاڻپ نہ ٿي سگھي، مڙھ ۽ زخمين کي گمبٽ، خيرپور ۽ سکر جي اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويو
پوليس موجب مسافر ڪوچ پنجاب کان ڪراچي وڃي رھي ھئي تہ حادثي جو شڪار ٿي، فوتين ۽ زخمين جو تعلق پنجاب جي شھر بهاول پور جي مخلتف علائقن سان ٻڌايو پئي ويو.
موٽر وي پوليس ڪھڙي ڪم لاءِ آھي؟
خوفناڪ حادثي کانپوءِ شھرين موٽر وي پوليس تي سوال اُٿاريا آھن تہ سنڌ ۾ اين ايڇ اي جو نظام فلاپ ٿي ويو آھي، موٽر وي پوليس ضابطن توڙي رولز تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي.
سنڌ جي ھر شھر ۾ ٽول پلازا آھن، سنڌ مان روزانو ڪروڙين روپيا ٽئڪس گڏ ڪندڙ وفاقي حڪومت جو ھيءَ ادارو سنڌ ۾ لاپرواھي ۽ پنجاب ۾ رولز تي عملدرآمد ڪندي نظر اچي ٿو.
شھرين ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي ٻڌايو تہ روڊ ٽٽل، مرمتي ڪم نہ ھئڻ برابر، ايئن کڻي چئجي تہ سنڌ جا نيشنل ھاءِ وي پاڪستان جا بدترين روڊ بڻيل آھي.
وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ رڳو ڳالھيون ئي جاري رھنديون آھن، نہ ڪو ھن روڊ جي مرمت ٿو ڪري نہ ڪري نظام ۾ سڌارن لاءِ قدم ٿو کڻي.
ٽرانسپورٽرز جو الزام آھي تہ موٽر وي پوليس جو پيٽرولنگ نظام بہ سنڌ ۾ فيل آھي، اِھا ساڳي پوليس پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ قانون تي عملدرآمد يقيني بڻائي ٿي پر سنڌ ۾ اھڙو ڪجھ ناھي.
ھڪ شھري سوال اٿاريو تہ ھيءَ ايڏو وڏو ٽرالر ڇا پنجاب جي رستن تي ايئن ھلي سگھندو؟ بلڪل نہ، پر ھيءَ سنڌ آھي، جتي شھرين جي زندگي جي ڪا اھميت ئي ناھي.
بحريا سٽي حادثي جو ذميوار ڪير؟

ڊي ايڇ اي ايم نائن موٽروي تي ڪجھ ڏينھن اڳ حادثو ٿيو ھو، جنھن ۾ 13 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون ھيون.
اِن حادثي جو ڪارڻ ھڪ مسافر بس بڻي ھئي، جيڪا رانگ سائيڊ پئي آئي، موٽر وي پوليس اُن کي روڪڻ جي زحمت نہ ڪئي، ڪئمراز جي ھوندي بہ ڪو ايڪشن نہ ٿيو.
نتيجي ۾ سامھون ايندڙ ٽرالر اُن بس کي ھٽ ڪيو، قيامت خيز منظر ھئا.
وفاقي حڪومت ٽول ٽئڪس تہ وٺي ٿي پر لڳي ٿو تہ ماڻھن جي سيفٽي جي ذميواري اُنھن جي ذميواري ۾ شامل ناھي.