اڊيالا جيل ۾ باني پي ٽي آءِ عمران خان جو اکين جو معائنو

فہرستِ مضامین

راولپنڊي: اڊيالا جيل ۾ طبي ماهرن جي نگرانيءَ هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي اکين جو چيڪ اپ ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب، هولي فيملي اسپتال جي ايمبولينس گيٽ نمبر 5 تان اڊيالا جيل اندر داخل ٿي وئي آهي، جڏهن ته جيل جي آسپاس سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن۔

اڊيالا جيل ويندڙ ايمبولينس ۾ اکين جي علاج جا جديد اوزار موجود آهن، حڪومت پاران جوڙيل ميڊيڪل بورڊ جي ڊاڪٽرن جي نگرانيءَ ۾ عمران خان جو معائنو ڪيو پيو وڃي.

سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي ٽيم مختلف طبي اوزار ۽ دوائون به پاڻ سان گڏ کڻي آئي آهي،طبي ٽيم جي رپورٽ جلد تيار ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين عمران خان جي اکين جو تفصيلي معائنو ڪيو ويندو، جنهن بعد اها پروپوزل ڏني ويندي ته کيس ڪهڙي اسپتال منتقل ڪيو وڃي.

ياد رهي ته اپوزيشن اتحاد عمران خان جي صحت بابت سخت خدشن جو اظهار ڪندي کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ اسپتال منتقل نه ڪرڻ جي صورت ۾ پارليامينٽ هائوس اندر احتجاج جو اعلان ڪيو هو.

ٻئي طرف وفاقي حڪومت گذريل ڏينهن الشفا آءِ اسپتال جي ٻن ماهر ڊاڪٽرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ جوڙيو هو.

سپريم ڪورٽ پڻ وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته عمران خان جي صحت بابت تفصيلي رپورٽ 16 فيبروري کان اڳ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں