ٽنڊي مستي ويجهو ڊرٻ ميهر شاهہ قومي شاهراهہ تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا۔
حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ ڊرائيور گل شاهہ، ڪلينر هاشم، ورثا، سميہ، ڪاشف، محمد زين ۽ ٻيا شامل آهن، جڏھن تہ ڪجھ فوتين جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي.
حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن ۽ موٽر وي پوليس پھچي امدادي ڪارروايون ڪري مڙھھ ۽ زخمين کي گمبٽ، خيرپور ۽ سکر جي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.
پوليس موجب مسافر ڪوچ پنجاب کان ڪراچي وڃي رھي هئي تہ ڊرٻ ميهر شاهہ وٽ سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب هي المناڪ حادثو پيش آيو……….