محسن نقوي جي ڪولمبو ۾ قومي ڪرڪيٽرز سان ملاقات، ٽيم جو حوصلو وڌايو

فہرستِ مضامین

ڪولمبو ۾ پي سي بي چيئرمين پاڪ ڀارت ميچ کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ۽ مئنجيمنٽ سان ملاقات ڪئي

پي سي بي چيئرمين قوم رانديگرن سان ملاقات دوران سندن حوصلو وڌايو ۽ عزم توڙي جذبي کي واکاڻيون

محسن نقوي قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو، ان موقعي تي ڪپتان سلمان آغا، ھيڊ ڪوچ مائيڪ ھيسن، مئنيجر نويد اڪرم چيما، سمورا رانديگر ۽ ڪوچنگ اسٽاف بہ موجود ھو

ملاقات ۾ چيف آپريٽنگ آفيسر پي سي بي سمير احمد بہ موجود ھو، چيف ايگزيڪٽيو آفيسر پي ايس ايل سلمان نصير، ڊائريڪٽر ميڊيا عامر مير بہ موجود ھو

اڄ شام پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ڪولمبو جي پريماداسا اسٽيڊيم ۾ مھاڏو اٽڪائينديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں