ميزائل پروگرام ريڊ لائن آھي، ان تي ڪنھن قسم جون ڳالھيون نٿيون ٿي سگھن: ايران

فہرستِ مضامین

تھران: ايران هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ميزائل پروگرام کي ريڊ لائن قرار ڏيندي ان حوالي سان ڪنهن بہ قسم جي ڳالهين کي نہ قبولڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آھي.

عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ايراني سپريم ليڊر آيت اللہ خامنہ اي جي سينيئر صلاحڪار علي شمخاني چيو تہ ايران جو ميزائل پروگرام ريڊ لائن آھي ۽ ان تي ڪنھن بہ قسم جون ڳالھيون نٿيون ٿي سگھن.

علي شمخاني چيو تہ ايران جي فوج هاءِ الرٽ آهي ۽ ڪنهن بہ فوجي ڪارروائي جي صورت ۾ فيصلائتو ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو۔

هن خبردار ڪيو تہ ٻاهرين طاقتن کي ڪنهن بہ غلط اندازي يا مس ڪيلڪيوليشن جي صورت ۾ ڳري قيمت چڪائڻي پوندي۔

سينيئر ايراني اڳواڻ وڌيڪ چيو تہ جيڪڏھن ڳالهيون حقيقت پسندي تي ٻڌل هجن ۽ غير ضروري مطالبن کان پاسو ڪيو وڃي تہ ڳالهہ ٻولهہ کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو۔..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں