ڪراچي: ڪاٺوڙ حادثو، فوتين جو انگ 14 ٿي ويو

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ گذريل ڏينھن ڪاٺوڙ ويجھو ايم نائين موٽر وي تي پيش آيل خوفناڪ حادثي ۾ فوتين جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آھي.

پوليس موجب حادثو انصاري پل ڀرسان ان وقت پيش آيو جڏھن تيز رفتار مسافر بس رانگ سائيڊ کان اچي رھي ھئي تہ سامھون ايندڙ آئن ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي

حادثي سبب ٻيون گاڏيون بہ پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، شروعاتي طور حادثي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿيا ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو موجب زخمين مان وڌيڪ ھڪ ٻار علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي، جڏھن تہ 5 زخمي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن۔

ريسڪيو ٽيمن موجب فوتين مان 12 ڄڻن جو تعلق ھڪ ئي خاندان سان آھي، قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا  ويا آھن.

وارثن موجب فوت ٿيل ماڻهو ڪوٽڙي کان ڪراچي جي شاهہ لطيف ٽائون ۾ شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيا هئا ۽ واپسي دوران حادثو پيش آيو۔

پوليس موجب حادثو تيز رفتار بس غلط پاسي کان هلڻ سبب پيش آيو، جنهن تي آءِ جي موٽرويز حادثي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي۔………..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں