اسلام آباد: آءِ ايم ايف چيو آهي تہ پاڪستان سان بجلي جي تجويز ڪيل ٽيرف ۾ ردوبدل تي ڳالهيون جاري آهن
عالمي مالياتي اداري جو چوڻ آھي تہ جائزو وٺنداسين تہ ٽيرف ۾ ترميمن جو بار وچولي ۽ گھٽ آمدني واري طبقي تي نہ پوي.
آءِ ايم ايف عملدارن جو چوڻ آھي تہ ڳالھين دوران ٻنهي طرفن جائزو وٺندا تہ تجويز ڪيل ٽيرف ترميمون حڪومتي واعدن جي موجب آهن يا نہ. ان کانسواءِ ٽيرف ۾ ترميمن جا مهانگائي ۽ ملڪ جي معاشي استحڪام تي امڪاني اثرات پڻ تفصيل سان ڏٺا ويندا…