ڪراچي۾ رينجرز جي ڪارروائي، ٻن زخمين سميت 3 جوابدار گرفتار

فہرستِ مضامین

ڪراچي: رينجرز ۽ ايس آءِ يو پوليس پاران ڳجهي اطلاع تي نارٿ ڪراچي ۾ محمد علي شاھ ڀرسان خورن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز خلاف گڏيل آپريشن ڪيو ويو.

رينجرز ترجمان موجب آپريشن دوران جوابدارن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فائرنگ ڪئي، جنهن تي اهلڪارن جوابي ڪارروائي بعد ٻن زخمين سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ ڪامران عرف ڪمو، محمد ناصر عرف نلي ۽ مدثر عرف قادري عرف ملا شامل آهن.

ترجمان دعويٰ ڪئي آهي تہ جوابدار محمد ڪامران عرف ڪمو ۽ محمد ناصر ماضي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ ملوث رھيا آهن.

رينجرز ترجمان وڌيڪ ٻڌايو تہ جوابدارن جنوري مهيني ۾ سرجاني ٽائون جي هڪ شهري کي ڀتي جي پرچي موڪلي هئي ۽ ڀتو نہ ڏيڻ جي صورت ۾ کيس ڌمڪيون ڏنيون هيون.

ترجمان موجب گرفتار جوابدار بلڊرن، دڪاندارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کان ڀتو اوڳاڙڻ سان گڏ ڦر جي مختلف وارداتن ۾ بہ ملوث رھيا آهن، گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں