ڪراچي ويجھو 5 گاڏين ۾ ٽڪر سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 13 ڄڻا فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
سپر ھاءِ وي تي ڪاٺوڙ پل وٽ حادثي ۾ ھڪ بس، ھڪ ٽرڪ ۽ ٽي ڪارون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون.
حادثي سبب 13 ڄڻا فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پھچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
فوتين ۾ ڪير ڪير شامل آھي؟
ڪاٺوڙ حادثي جي فوتين ۾ 35ورھين جو رفيع اللہ، 12ورھين جي منيبا، 13ورھين جي صبا ۽ ٻيا شامل آھن، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آھي تہ حادثي ۾ فوت ٿيل ٻين ماڻھن جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي، جن جا لاش ھن وقت بہ اسپتال ۾ پيل آھي.
پوليس جو چوڻ آھي تہ زخمين ۾ ٻارڙو عمران، ابرار، رضوان، عافيہ، امان، رحيمان ۽ ٻيا شامل آھن، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.
ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري، وڏي وزير مراد علي شاھ، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري، گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻين پاران حادثيتي ڏک جو اظھار ڪندي زخمين کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.