پي ٽي آءِ پاران احتجاج جو سڏ، پارليامينٽ ويندڙ رستا بند، ميمبرن کي بہ روڪيو ويو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: تحريڪ انصاف ۽ اپوزيشن اتحاد پاران احتجاج جي اعلان کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد جي ريڊزون کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آھي.

اپوزيشن اتحاد جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي پارليامينٽ ھائوس جا مک گيٽ بند ڪيا ويا آھن ۽ پارليامينٽ ھائوس ٻاھران پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آھي، جڏھن تہ پارليامينٽ ھائوس آڏو قيدي وين توڙي بڪتربند گاڏيون پھچايون ويون آھن

ريڊيو پاڪستان چوڪ کان شاھراھ دستور کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آھي ۽ پوليس  جي ڳري نفري ريڊيو پاڪستان چوڪ تي جمع ٿي وئي آھي،  پوليس ڪنھن بہ شھري  ۽ ميمبر کي پارليامينٽ ڏانھن وڃڻ نہ پئي ڏئي.

پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر اقبال آفريدي ۽ عمير نيازي کي بہ ريڊيو پاڪستان چوڪ تي روڪيو ويو.

پارليامينٽ وڃڻ کان روڪڻ تي پپيلزپارٽي ميمبر فتح اللھ خان ۽ پوليس وچ ۾ منھن ماري بہ ٿي، فتح اللھ خان الزام لڳايو تہ پوليس سندس محافظ کي چماٽ ھنئي آھي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں