سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت ٺھراءُ رد، اپوزيشن جو احتجاج

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : سينيٽ ۾ باني پي ٽي آءِ جي صحت بابت ٺھراءُ رد ڪيو ويو آھي، جنھن تي اپوزيشن پاران شديد احتجاج ڪيو ويو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر عون عباس بپي ايوان ۾ باني پي ٽي آءِ جي صحت بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي حڪومت طرفان مخالفت ڪئي وئي.

ٺهراءُ رد ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جا سينيٽر سينيٽ چيئرمين ڊائيس آڏو گڏ ٿي ويا ۽ سخت احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي.

راڻا ثنا اللہ چيو تہ مخالف ڌر جو اڳواڻ باني پي ٽي آءِ جي صحت بابت ڳالهائڻ چاهي ٿو، جيڪڏھن اڄ ان موضوع تي ڳالهائڻو آهي تہ پوءِ ٺهراءُ ڇو پيش ڪيو پيو وڃي؟

سپریم کورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ باني پي ٽي آءِ جي رھڻي ڪهڻي بابت ڳالهيون واضح ٿي ويون آهن، سلمان صفدر رپورٽ ۾ چيو تہ باني پي ٽي آءِ جيل ۾ سيڪيورٽي انتظامن تي مطمئن آهن.

راڻا ثنا اللہ چيو تہ باني پي ٽي آءِ جو جيل جو ڊاڪٽر هر ٻئي ڏينهن سندن معائنو ڪندو آهي، جڏھن تہ ھيل تائين ٻاھر جي ڊاڪٽرن 25 ڀيرا چيڪ اپ ڪيو آهي۔

سپریم ڪورٽ سندن درخواست تي عدالتي نمائندو مقرر ڪيو آهي، ھنن سپريم ڪورٽ کي باني جو ڪنھن ٻئي ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرائڻ جو چيو آھي، سپريم ڪورٽ جو جيڪو بہ حڪم ايندو ان تي عمل ٿيندو.

مخالف ڌر اڳواڻ علامہ راجا ناصر عباس چيو تہ اکين جي نظر اوچتو ختم نٿي ٿي سگهي، رانا ثنا الله کي جيڪو لکي ڏنو ويو ھن اهو ئي پڙھي ٻڌايو.

هن وڌيڪ چيو تہ باني پي ٽي آءِ جي صحت بابت لاپرواهي ٿي آهي، جن ڊاڪٽرن کان چيڪ اپ ڪرايو ويو، اهي اُن شعبي جا ماهر ئي نہ هئا، سندن وڪيلن ۽ گهرڀاتين کي ڇو اطلاع نه ڏنو ويو؟

علامہ راجہ ناصر عباس چيو تہ ڪنهن بہ جرنيل، بيوروڪريٽ يا جج کي جيل ۾ ناھي ڏٺو رڳو سياستدان ئي جيلن ۾ هوندا آهن، اسان کي ڪنهن نہ ڪنهن هنڌان تہ واپس وڃڻو پوندو.

هن وڌيڪ چيو تہ بئريسٽر سلمان جي رپورٽ ۾ باني جي صحت بابت جيڪو لکيل آهي، اهو پڙھو ۽ تسليم ڪيو تہ غلطي ٿي آهي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں