راڄوخاناڻي ۾ زال جو مبينا طور گھٽا ڏنل ۽ مڙس جو ڦاھو کاڌل لاش ھٿ

فہرستِ مضامین

راڄوخاناڻي ۾ زال مڙس جا لاش ھٿ آيا آھن، علائقي ۾ مڙس پاران زال کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ بہ آپگھات ڪرڻ جا چوٻول آھن.

ڳوٺ لکو ڪولھي ۾ 19 ورھين جي لڇمي جو گھر مان مبينا طور گھٽا ڏنل لاش مليو، جڏھن تہ گھر ٻاھران سندس مڙس پريم ڪولھي جو ڦاھو ڏنل لاش مليو

اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو

علائقي ۾ چوٻول آھن تہ پريم ڪولھي مبينا طور زال کي گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ آپگھات ڪيو آھي.

پوليس جو چوڻ آھي تہ واقعي جي جاچ جاري آھي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں