،رپورٽ: محسن خاصخيلي
خاتونِ اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفہ ڀٽو زرداري چيو آهي تہ رھائش بنيادي حق آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو واعدو اٽي، لٽي ۽ اجھي تي ٻڌل آھي.
ڪراچي ۾ ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمنٽس فورم 2026ع کي خطاب ڪندي آصفغ ڀٽو چيو تہ محفوظ رھائش جو اثر خاص طور عورتن ۽ ٻارن تي گھڻو ٿيندو آهي، محفوظ گهر ۽ مالي شموليت سان عورتن جا فائدا گهر کان ٻاهر تائين پکڙجن ٿا۔
هن چيو تہ علائقي ۾ لکين خاندان موسمياتي تبديلي ۽ سماجي چيلينجن کان متاثر آهن، محفوظ رھائش جي کوٽ بنيادي مسئلو ناهي پر وقار ۽ موقعن جي بہ کوٽ آهي، رھائش رڳو ڇت نہ پر صحت، تعليم ۽ استحڪام جو بنياد آهي۔
آصفہ ڀٽو زرداي جو چوڻ ھو تہ مستقل رھائش اها جاءِ آهي جتي خاندان سنڀلن ٿا، ٻار خواب ڏسن ٿا ۽ ڪميونٽيون اڳتي وڌن ٿيون، عورتون خاندان، سماجي هم آهنگي ۽ ڊگهي مدي واري ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، عورتن کي منصوبن جي مرڪز ۾ رکڻ سان پوري معاشري جي پائيداري وڌي ٿي۔
خاتون اول جو چوڻ ھو تہ سندس والدہ جي ويزن تحت هزارين عورتن تي مشتمل نيٽ ورڪ قائم ٿيو، ماحولي پائيداري هر پهلو ۾ شامل هئڻ گهرجي، 2022ع جي ٻوڏ کان پوءِ “سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز پروگرام” شروع ڪيو ويو، جيڪو قدرتي آفت کان پوءِ 2 ڪروڙ 10 لک ماحولي طور مضبوط گهرن جو دنيا جو وڏو منصوبو قرار ڏنو وڃي ٿو۔ هي منصوبو 15 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي سڌو فائدو ڏئي رھيو آهي، جڏھن تہ تہ گهر ۽ زمين عورتن جي نالي ڪرڻ سان سندن وقار، تحفظ ۽ مالي شموليت کي مضبوط ڪيو پيو وڃي۔
آصفه ڀٽو چيو تہ هي بحالي رڳو ڍانچي تائين محدود ناهي پر زندگين ۽ مستقبل کي بحال ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، اسان جي ذميواري آهي تہ سستا، مقامي، ماحولي طور مضبوط ۽ ڪمزور طبقي کي شامل ڪندڙ حل اختيار ڪيون۔