پاڪ فوج اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا جي صحت بابت اپڊيٽ جاري ڪيا آھن.
آءِ ايس پي آر موجب اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوہ پنهنجي گھر اندر ڪري پوڻ سبب زخمي ٿي پيو ھو، کيس مٿي ۾ ڌڪ لڳا آھن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوا ھن وقت سي ايم ايڇ ۾ علاج ھيٺ آھي.
واضح رھي تہ گذريل ڏينھن خبرون سامھون آيو ھيون تہ جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوا کي گھر اندر ڪرڻ سبب ڌڪ لڳا آھن ۽ ھو آءِ سي يو ۾ علاج ھيٺ آھي، ان حوالي سان آءِ ايس پي آر باضابطہ پريس رليز جاري ڪري ڇڏي آھي.