ڪينيڊا جي صوبي برٽش ڪولمبيا جي ھاءِ اسڪول ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ مبينا عورت حملي آور سميت 10 ڄڻا مارجي ويا آھن ۽ 27 ڄڻا زخمي ٿيا آھن.
پرڏيھي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو برٽش ڪولمبيا ۾ ٽمبلررج جي ھڪ ھاءِ اسڪول ۾ پيش آيو جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ مبينا حملي آور سميت 10 ڄڻا مارجي ويا.
انھي حوالي سان پوليس ٻڌايو تہ اسڪول ۾ 6 ڄڻن جا لاش مليا آھن، جڏھن تہ واقعي ۾ ھڪ شخص کي زخمي حالت ۾ اسپتال پھچايو ويو جتي ان دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب وڌيڪ 2 ڄڻا ھڪ گھر ۾ مئل حالت ۾ مليا جن بابت خيال آھي تہ انھن جو تعلق بہ فائرنگ جي واقعي سان آھي.
پوليس موجب واقعي ۾ شديد زخمي ٿيل 2 ڄڻن کي ايئر لفظ ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏھن تہ زخمي ٿيل 27 ڄڻن کي طبي سھولتون فراھم ڪيون ويون آھن.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو آھي تہ ٽمبلررج جي حملي آور ۽ امڪاني طور عورت ھئي، شڪي حملي آور فائرنگ ڪرڻ بعد آپگھات ڪيو آھي، جڏھن تہ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آھي…….