اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اجلاس دوران ڪورم جي نشاندھي نظرانداز ڪندي قانونسازي جاري رکي.
ڪورم جي نشاندهي تي اسپيڪر چيو تہ اهو ڪٿي لکيل آهي تہ بار بار ڪورم جي نشاندهي ڪئي ويندي؟ تنهن هوندي بہ اياز صادق قانونسازي جاري رکي، جنهن دوران ايوان ڪيترائي بل منظور ڪيا.
قومي اسيمبلي پاڪستاني شهريت (ترميمي) بل 2025 کي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو، جڏھن تہ ڀنگ جي انتظام ۽ ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2026 بہ اڪثريتِ راءِ سان منظور ڪيو ويو.
پاڪستان جي نالي ۽ نشانين جي غلط استعمال جي روڪٿام بابتت ترميمي بل 2026 بہ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي نيشنل آرڪائيوز ترميمي بل ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل بہ منظور ڪري ورتو
ايوان اسلام آباد جي بزرگ شهرين بابت ترميمي بل جي اڪثريت سان منظوري، جڏھن تہ عاليہ ڪامران جي پيش ڪيل ترميم رد ڪري ڇڏي
ڪيترائي بل منظور ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 11 ھين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو…..