ڪراچي: سنڌ ڪابينا انڊس ڊيلٽا جي وڌيڪ 4 لک ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي کي “ محفوظ” قرار ڏئي ڇڏيو آھي.
وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ سنڌ ڪابينا کي ٻيلي ۽ جھنگلي جيوت کاتي انڊس ڊيلٽا جي ماحولياتي تحفظ لاءِ ھڪ اھم تجويز پيش ڪئي .
ترجمان موجب وڏي وزير ٻڌايو تہ ضلعي سجاول ۾ لکين ايڪڙ ايراضي کي محفوظ قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي، جنھن تي ڪابينا سجاول لاءِ 4 لک 5 ھزار 2 ايڪڙ تي ٻڌل سامونڊي ايراضي کي محفوظ قرار جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ھن وقت انڊس ڊيلٽا جي 5 لک 66 ھزار 298 ھيڪٽرز کي پھريان ئي محفوظ قرار ڏنو ويو آھي، جنھن ۾ ٺٽي ضلعي جي 2 لک 41 ھزار 374 ھيڪٽر ۽ سجاول ضلعي جي 3 لک 24 ھزار 924 ھيڪڙ ايراضي شامل آھي.
ڪنزيومر ڪورٽس کي ٽريفڪ ڪورٽس قرار ڏيڻ جو فيصلو:
سنڌ ڪابينا سموري سنڌ جي ڪنزيومر ڪورٽس کي ٽريفڪ ڪورٽس قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.
ايِ چالان جي فوري فيصلن لاءِ ڪنزيومر ڪورٽس کي ٽريفڪ ڪورٽس جا اختيار ملندا، صوبائي موٽر وھيڪلز ترميمي ايڪٽ 2025 ۾ نئين ترميم اي 121 تحت فيصلو ڪيو ويو.
وڏي وزير چيو تہ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان مشاورت کانپوءِ هر ضلعي جي ڪنزيومر ڪورٽ کي ٽريفڪ ڪورٽ جو اختيار ڏنو ويندو، جنهن سان ٽريفڪ ڏوھن جي تيز رفتار ٽرائل لاءِ نئين عدالتي عمارتن جي فوري ضرورت نہ رھندي.
ٿاڻا ۽ پوليس پوسٽون
ڏوھن جي وڌندڙ شرح ۽ آبادي ۾ تبديلي کي نظر ۾ رکندي سنڌ ڪابينا انتظامي تبديلين جي بہ منظوري ڏني آھي.
گرھوڙ شريف ( ميرپورخاص ) پوسٽ کي مڪمل پوليس اسٽيشن بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آھي، گرھوڙ شريف پوليس پوسٽ کي ڦلھڏيون ٿاڻي کان 22 ڪلو ميٽر پري ھجڻ سبب اپگريڊ ڪيو ويو.
آبادي ۾ اضافي ۽ وڌندڙ ڏوھن کي نظر ۾ رکندي نئين پوليس اسٽيشن قائم ڪئي وئي، پوليس اسٽيش ملاڪ کي پوليس پوسٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
پوليس پوسٽ ملاڪ ھاڻي پوليس اسٽيشن ڪورائي(سب ڊويزن مورو نوشھروفيروز) جي انتظامي ڪنٽرول ۾ ڪم ڪندي.
فروٽ ۽ سبڊي منڊي جي منظوري
سنڌ ڪابينا لاڙڪاڻي ۾ نئين فروٽ ۽ سبزي منڊي قائم ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني
اي اسٽيمپنگ :
سنڌ ڪابينا بورڊ آف رونيو ۽ سنڌ آءِ ٽي بورڊ وچ ۾ اي اسٽيمپنگ ھلائڻ لاءِ 5 سال معاھدي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا سنڌ آءِ ٽي کي 70 لک ماھوار سروسز چارجز ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني .
اوورسيز لاءِ پراپرٽي رجسٽريشن جي منظوري:
سنڌ ڪابينا اوورسيز پاڪستانين لاءِ ڊجيٽل پراپرٽي رجسٽريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، ڪابينا سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ پراپرٽي جي رجسٽريشن آسان بڻائڻ لاءِ سنڌ رجسٽريشن ايڪٽ 1908 ۾ ترميم جي منظوري ڏني .
وڏي وزير ٻڌايو تہ سنڌ جون 49 سب رجسٽرار آفيسون نادرا سان ڳنڍيل آھن……..