ڪراچي: ھاءِ پروفائل مصطفيٰ عامر قتل ڪيس دير جو شڪار ٿي ويو آھي، چالان جمع ھجڻ کي 6 مھينا گذرڻ باوجود جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ناھي ٿي سگھي .
انھي حوالي سان مقتول مصطفيٰ عامر جي امڙ وجيھہ عامر ڪيس دير جو شڪار ھجڻ خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آھي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي فريادڻ وجيھہ عامر جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو تہ اي ٽي سي 16 جي جج جي لاڏاڻي کانپوءِ ڪيس دير جو شڪار ھو، ڪيس اي ٽي سي 6 منتقل ٿيڻ کانپوءِ سنڌحڪومت دھشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ري اسٽرڪچرنگ ڪئي .
ري اسٽرڪچرنگ جي نتيجي ۾ اي ٽي سي 6 کي منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ تبديل ڪيو ويو، جنھنڪري ڪيس ۾ دير جو شڪار ٿيو ۽ اھو انصاف جي گھرجن جي خلاف آھي .
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، عدالت جوابدار مصطفيٰ عامر قتل ڪيس کي نئون نمبر االاٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي
ياد رھي تہ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جا مک جوابدار ارمغان ۽ شيراز جيل ۾ آھن….