ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس بابت تازي رپورٽ ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ بھتري آئي آھي.
ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاران جاري ڪيل ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جي تازي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ گھٽتائي آئي آھي، پاڪستان ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ ھڪ درجو بھتري کانپوءِ پاڪستان 182 مان 136 نمبر تي رھيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ 2025ع ۾ بہ گڊ گورننس ۽ لڳاتار سڌارن سبب پاڪستان جي مجموعي اسڪور ۾ واڌاري جو رجحان برقرار رھيو.
رپورٽ ۾ اهو بہ ٻڌايو ويو آهي تُ پاڪستان ۾ نہ رڳو پبلڪ سيڪٽر ۽ انتظامي بدعنواني جي انگ اکرن ۾ بهتري آئي آهي، پر قانونساز ادارن ۽ عدليہ ۾ بدعنواني بابت انگ اکرن ۾ نہ واضح سڌارو ڏسڻ ۾ آيو آهي….