اسلام آباد: سپريم ڪورٽ توشا خانہ فوجداري ڪيس جي ٽرائل خلاف داخل اپيلن تي ٻڌڻي دوران بئريسٽر سلمان صفدر کي باني پي ٽي آءِ عمران خان سان ملاقات جي اجازت ڏيندي کيس عدالتي نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت حڪم ڏنو تہ سلمان صفدر جيل وڃي باني پي ٽي آءِ جي حالتِ ۽ کيس مهيا ڪيل سهولتن بابت تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري.
چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي تہ سلمان صفدر جي ملاقات دوران ڪنهن بہ قسم جي رڪاوٽ پيش نہ اچي، چيف جسٽس سلمان صفدر سان ڳالهائيندي چيو تہ جيڪڏھن ڪنهن بہ قسم جو مسئلو پيش اچي تہ هو سڌو سنئون عدالت سان رابطو ڪري .
عدالت جيل سپرنٽنڊنٽ کان بہ پي ٽي آءِ باني بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس جو چوڻ ھو تہ سلمان صفدر ملاقات کانپوءِ رپورٽ پيش ڪري، رپورٽ ڏسي ٻڌڻي ڪنداسين، بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 12 فروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي…