ايراني عدالت نوبل انعام يافتہ نرگس محمدي کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي

فہرستِ مضامین

تھران : ايراني عدالت امن نوبل انعام يافتہ 53 ورھين جي انساني حقن جي ڪارڪن نرگس محمدي کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي.

پرڏيھي ميڊيا موجن نرگس محمدي جي وڪيل ٻڌايو تہ ايراني عدالت کيس ڏوھن جي منصوبا بندي ۽ سھولتڪاري جي الزام هيٺ سزا ٻڌائي وئي آھي۔

وڪيل وڌيڪ ٻڌايو تہ عدالت نرگس محمدي تي ٻن سالن تائين ملڪ ڇڏڻ تي بہ پابندي لڳائي آهي، جڏھن تہ عدالتي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو حق موجود آهي۔

پرڏيھي ميڊيا جو چوڻ آھي تہ نرگس محمدي ڪيترن ئي سالن کان مختلف الزامن هيٺ ايران ۾ قيد جي سزا ڀوڳي رھي آهي۔

رپورٽن موجب نرگس محمدي ايران ۾ موت جي سزا ۽ عورتن جي لباس بابت سخت قانونن خلاف مسلسل آواز اٿاريندي رھي آهي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں