لائیو ڀارتي اداڪارا سنچيتا اوگلي جي موت بابت والد جا الزام، هراساني ۽ دٻاءُ جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

نئين دهلي ( ويب ديسڪ )  ڀارت جي مشهور ڊرامي ڪُمڪُم ڀاڳيا سان لاڳاپيل اداڪارا سنچيتا اوگلي جي والد مڇندرا اوگلي الزام لڳايو آهي تہ سندس ڌيءَ مسلسل هراساني ۽ سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي.

رپورٽن موجب 22 ورھين جي اداڪارا سنچيتا اوگلي هن مهيني 14 تاريخ تي پنهنجي رھائشگاهه تي ڇت واري پنکي سان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. پوليس جو چوڻ هو تہ واقعي واري هنڌ تان نہ ڪو شڪي شيءَ ملي ۽ نہ ئي خودڪشي جو ڪو نوٽ هٿ آيو.

هاڻي اداڪارا جي والد هڪ انٽرويو دوران چيو آهي تہ سنچيتا سدائين پريشان رھندي هئي، پر هن ڪڏهن بہ پنهنجي پريشاني جو صحيح سبب نہ ٻڌايو، ھن چيو تہ ڪڏھن ڪڏھن هوءَ خوش نظر ايندي هئي پر اوچتو ڊپريشن ۾ هلي ويندي هئي.

مڇندرا اوگلي وڌيڪ چيو ته کين اندازو هو تہ ڌيءَ ذهني پريشاني ۾ آهي، تنهنڪري هو هميشه سندس ڀرسان رھندا هئا، پر واقعي واري وقت جي آخري اڌ ڪلاڪ ۾ هو گڏ نغ هئا.

هن اهو بہ الزام لڳايو تہ سنچيتا کي مسلسل هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ ذهني دٻاءُ هيٺ رکيو پيو وڃي. سندس دعويٰ مطابق ڪو شخص يا  ٽولو کيس پئسن يا ٻين معاملن لاءِ تنگ ڪندو هو ۽ مسلسل دٻاءُ وجهي رهيو هو.

اداڪارا جي موت کانپوءِ  جاچ جاري آهي، جڏھن تہ خاندان پاران سخت جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں