لائیو کورواھ ۾ پسند پرڻي لاءِ سھولتڪاري جي الزام ھيٺ جوابدار ھٿان ڀائيٽي قتل

فہرستِ مضامین

کورواھ ( محبوب علي رند ) بدين جي علائقي کورواھ ۾ جوابدار پسند پرڻي لاءِ سھولتڪاري جي الزام ھيٺ پنھنجي ڀائيٽي کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ھي افسوسناڪ واقعو ڳوٺ وريو خاصخيلي ۾ پيش آيو، جتي جوابدار حسين خاصخيلي ڪهاڙين جا وار ڪري پنھنجي ڀائيٽي آمنا  ڌي امير بخش خاصخيلي کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو،  جڏھن تہ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ روزينا زال حسين خاصخيلي، شارو زال امير بخش خاصخيلي ۽ امير بخش ولد صادق خاصخيلي شامل آهن، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

اطلاع ملڻ تي کورواھ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمين کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي آندو، بعد ۾ زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال گولاڙچي موڪليو ويو.

پوليس موجب جوابدار کي واقعي ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.

علائقي ۾ چئوٻول آھن تہ ڏيڍ مهينو اڳ شارو زال امير بخش خاصخيلي گهران نڪري معشوق سولنگي نالي شخص سان شادي ڪئي هئي، جنھن بعد بعد  راڄوڻي فيصلي تحت کيس ٻہ ڏينهن اڳ واپس موڪليو ويو هو.

رپورٽن موجب ناري جي ڏير حسين خاصخيلي ڀاڄائي جي سهولتڪاري جي الزام هيٺ پنهنجي ڀائٽي آمنہ تي حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ بعد ۾ پنهنجي زال روزينا، ڀاڄائي شارو ۽ ڀاءُ امير بخش تي به حملو ڪري کين سخت زخمي ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں