لائیو موھن ۾ تھذيب جي علامت سمجھي ويندڙ ڊانسنگ گرل تڪرار جي ورچڙھي وئي

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( فھيمدا رياض) موئن جو دڙو جي ناچڻي کي مودي حڪومت ڪپڙا پارائي ڇڏيا، جنهن کان پوءِ صدين کان وادي سنڌ جي تهذيب جي علامت سمجهي ويندڙ ڊانسنگ گرل تڪرار جي ور چڙھي وئي آهي۔

هي تڪرار ان وقت سامهون آيو جڏهن ڀارت جي هڪ درسي ڪتاب ۾ هن تاريخي مجسمي جي تصوير کي اهڙي انداز ۾ شايع ڪيو ويو جو ان جي جسم جي مٿئين حصي کي ڍڪيل ڏيکاريو ويو۔

ڊانسنگ گرل موئن جو دڙو مان 1926ع ۾ دريافت ٿيل هڪ ڪانسي جو مجسمو آهي، جنهن جي قدامت تقريباً ساڍا چار هزار سال مڃي وڃي ٿي۔ صرف 10.5 سينٽي ميٽر اوچو هي مجسمو پنهنجي پراعتماد انداز، منفرد جوڙجڪ ۽ ڌاتو سازي جي فن جي اعليٰ مثال هجڻ سبب سڄي دنيا ۾ وادي سنڌ جي تهذيب جي علامت سمجهيو وڃي ٿو۔ ان جي جسم تي فقط ٻانھن تي چوڙو پاتل آھي

تڪرار ان وقت پيدا ٿيو جڏهن ناقدين چيو ته تاريخي نوادرات کي انهن جي اصل شڪل ۾ پيش ڪيو وڃڻ گهرجي۔ انهن جي مطابق ڪنهن قديم مجسمي جي ظاهري شڪل تبديل ڪرڻ يا ان ۾ تبديلي ڏيکارڻ تاريخي حقيقت کي مسخ ڪرڻ جي برابر آهي۔ آثارِ قديمه جي ماهرنِ ۽ مورخن جو چوڻ آهي ته تعليمي ڪتابن جو مقصد تاريخ کي اصل صورت ۾ پيش ڪرڻ هوندو آهي، نه ته ان کي موجوده سماجي يا ثقافتي حساسيتن مطابق تبديل ڪرڻ۔

ٻئي پاسي ڪجهه حلقن هن قدم جو دفاع ڪندي چيو ته درسي ڪتابن ۾ گهٽ عمر شاگردن لاءِ مواد کي “عمر جي مطابق” بڻائڻ ضروري آهي، ۽ تصوير ۾ ڪيل تبديلي به انهيءَ مقصد تحت ڪئي وئي هئي۔

هي بحث صرف هڪ تصوير تائين محدود نه رهي آهي پر هن ان سوال کي به جنم ڏنو آهي ته ڇا تاريخ کي بلڪل اهڙيءَ طرح ڏيکارڻ گهرجي جيئن اها آهي، يا ان کي موجوده سماجي قدرن مطابق ڍالي سگهجي ٿو؟

سنڌ جي دعويٰ آهي ته ڊانسنگ گرل موئن جو دڙو مان دريافت ٿي هئي، تنهن ڪري هي نوادرات وادي مهراڻ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جو حصو آهن ۽ انهن کي پاڪستان حوالي ڪيو وڃڻ گهرجي۔

ٻئي پاسي ڀارت ڊانسنگ گرل کي وادي سنڌ جي تهذيب جي گڏيل ورثي جو حصو قرار ڏئي ٿو۔ ڀارت جو چوڻ آهي ته ورهاڱي کان پوءِ عجائب گهرن ۽ تاريخي نوادرات جي جيڪا ورهاست عمل ۾ آئي هئي، ان تحت هي مجسمو ان جي قومي عجائب گهر جي ذخيري جو حصو آهي ۽ ساڳئي حيثيت سان ان جي تحويل ۾ موجود آهي۔

اهڙيءَ طرح ساڍا چار هزار سال پراڻو هي ننڍڙو ڪانسي جو مجسمو اڄ به تاريخ، ثقافت، سڃاڻپ ۽ ورثي سان لاڳاپيل وڏن سوالن جي مرڪز ۾ بيٺل نظر اچي ٿو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں