لائیو پگھارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ، سنڌ ڪابينا بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( رپورٽ: شبير لاشاري )  سنڌ ڪابينا نئين مالي سال جي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، جنھن تحت پگھارن ۾ 7 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي.

وڏي وزير  سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اهم بجيٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، خاص معاونن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري، سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران موجوده مالي سال 2025-26 ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪمن تي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، خاص طور تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تحت حڪومت عوامي خدمت جو سلسلو جاري رکندي.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته نئين مالي سال ۾ بہ سنڌ جي عوام لاءِ وڌيڪ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا ۽ هر طبقي جي ڀلائي کي بجيٽ ۾ خاص اهميت ڏني وئي آهي.

سنڌ ڪابينا نئين مالي سال 2026-27 جي صوبائي بجيٽ جي باضابطہ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. حڪومت پاران غربت جي خاتمي لاءِ خاص قدم کڻڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.

ان کان علاوہ محنت ڪش طبقي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت بابت بہ نئين بجيٽ ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، جنهن جو مقصد مزدورن جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو تہ حڪومت عوامي خدمت، ترقي ۽ شفافيت جي واعدن تي قائم آهي ۽ ايندڙ سال ۾ بہ سنڌ جي عوام لاءِ وڌيڪ ڪم ڪيا ويندا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں