ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ : آءِ سي سي گوڏا کوڙڻ تي مجبور، پاڪ ڀارت ميچ ٿيڻ جو امڪان

فہرستِ مضامین

لاھور: پاڪستان جي ثابت قدمي سبب آءِ سي سي کي پوئتي هٽڻو پئجي ويو آهي، سخت شرطن تحت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن۔

ذريعن موجب پاڪ–ڀارت ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ميچ بابت ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر وڏي بريڪ ٿرو جو امڪان آهي۔

لاهور ۾ آءِ سي سي، پي سي بي ۽ بي سي بي وچ ۾ پنجن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين ڳالهيون جاري رھيون

ذريعن موجب آءِ سي سي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي مطالبن تي ھاڪاري ردعمل ڏيندي، ورلڊڪپ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ ازالي لاءِ  هڪ فارمولو تيار ڪري ورتو آهي۔

ان حوالي سان آءِ سي سي ۽ بنگلاديشي بورڊ وچ ۾ تجويزن جي ڏي وٺ پڻ ٿي آهي، جڏھن تہ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رابطي جو ڪردار ادا ڪيو۔

آءِ سي سي جو ڊپٽي چيئرمين عمران خواجہ تجويزن جي حتمي منظوري لاءِ آءِ سي سي بورڊ سان رابطو ڪندو، ٻئي پاسي بي سي بي جو صدر حڪومت کان ھدايتون وٺڻ لاءِ ڍاڪا روانو ٿي ويو آھي.

ذريعن موجب باهمي فارمولي تي اتفاق کانپوءِ اڄ آءِ سي سي ۽ بي سي بي وچ ۾ ٻيهر رابطو ٿيڻ جو امڪان آهي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں